مالاڪنڊ: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومي اسيمبلي ميمبرز پنهنجي ضمير جو سودو ڪري رهيا آهن، عوام جو پئسو چوري ڪري حڪومت بچائڻ کان بهتر آهي ته منهنجي حڪومت هلي وڃي، ضمير جو سودو ڪري رشوت ڏيڻي آهي ته اهڙي حڪومت تي لعنت ٿو وجهان. مالاڪنڊ جي تعلقي درگئي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان وٽ هن وقت ٻه رستا آهن ته چورن جو ساٿ ڏيو يا وري انهن جو، جيڪي 25 سالن کان ڪرپشن خلاف ڳالهائي رهيا آهن، هاڻ فيصلي جو وقت اچي ويو آهي، لوٽي ۽ ضمير وڪرو ڪندڙ ۾ فرق آهي، هڪ لوٽو آهي جيڪو ڪنهن ٻئي پاسي هليو وڃي جڏهن ته ٻيو اهو آهي جيڪو پئسن خاطر پنهنجو ضمير ۽ دين وڪرو ڪري ڇڏين. هن چيو ته چور پئسي ذريعي اسان جا ميمبر خريدڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سڄي قوم سامهون ضمير جو سودو ڪيو پيو وڃي، جڏهن سنڌ هائوس ۾ نوٽن جون ٻوريون آنديون وڃن ۽ برائي سڀني جي سامهون اچي وڃي ته الله جو حڪم آهي برائي خلاف ۽ چڱائي سان گڏ بيهو، اهو نه ته نيوٽرل هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close