اسلام آبادپاڪستان

بي اعتماد رٿ بابت قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي طلب

اسلام آباد :سپيڪر اسد قيصر وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي معاملي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ 2022 جمعي ڏينهن 11 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ گهرائي ورتو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي ويندي. اسپيڪر اجلاس آئين جي شق 54 (3) ۽ شق 254 تحت ڏنل اختيار ڪتب آڻيندي طلب ڪيو آهي. اجلاس اپوزيشن پاران جمع ڪرايل رڪيوزيشن تي گهرايو ويو آهي، اجلاس موجوده قومي اسيمبلي جو 41 هون اجلاس هوندو. ذريعن موجب قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو اسپيڪر اسد قيصر جي گهر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اختيارين ۽ قانوني ماهرن سان مشاورت کانپوءِ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي گهرائڻ جو باقاعدي طور نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. اپوزيشن طرفان قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ لاءِ 14 ڏينهن جو آئيني مدو 21 مارچ تي ختم ٿي رهيو آهي پر قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته او آءِ سي اجلاس سبب اجلاس 25 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي. جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته او آئي سي اجلاس سبب قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس جي ايجنڊي ۾ مرحوم ايم اين اي جي مغفرت لاءِ دعا کي شامل ڪيو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ اجلاس کي اڳتي وڌائڻ جو فيصلو اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اختيار آهي. هوڏانهن اسپيڪر اسد قيصر اجلاس گهرائڻ جا سبب به پنهنجي حڪم نامي ۾ بيان ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي بيان ۾ اسپيڪر چيو ته 8 مارچ تي اجلاس سڏائڻ جي رڪيوزيشن اپوزيشن پاران ملي، قومي اسيمبلي او آئي سي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي قومي اسيمبلي هال ۾ اهتمام لاءِ 21 جنوري تي ٺهراءُپاس ڪيو هو. اجلاس لاءِ قومي اسيمبلي چيمبر کي فيبروري جي آخر ۾ ضروري مرمت لاءِ پرڏيهي وزارت جي حوالي ڪيو ويو. اسد قيصر چيو ته اجلاس جي رڪيوزيشن ملندي ئي سينيٽ سيڪريٽريٽ کي سينٽ هال ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ به هال جي مرمت سبب چيمبر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اسپيڪر چيو ته چيئرمين سي ڊي اي ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي به قومي اسيمبلي اجلاس سڏائڻ لاءِ ڪائي مناسب جڳهه ڳولڻ لاءِ چيو ويو. هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيئرمين سي ڊي اي به لکت طور قومي اسيمبلي اجلاس جي ڪائي مناسب جڳهه نه هجڻ کان تحريري طور تي آگاهه ڪيو. اسپيڪر مطابق سمورن حالتن ۽ واقعن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته اپوزيشن وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي هئي ۽ گذريل ڏينهن بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن 21 مارچ کان اجلاس ۾ بي اعتمادي تي ڪارروائي اڳتي نه وڌائي وئي ته اسان قومي اسيمبلي ۾ ئي ڌرڻو هڻنداسين. اپوزيشن پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ 14 ڏينهن جو آئيني مدو 21 مارچ تي ختم ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button