پيرولاشاري: بدين ضلعي جي سمورين شاخن ۽ واھن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب فصل سڪي ويا، واھن ۾ پاڻي بدران واري اڏامڻ لڳي، بدين ضلعي جي واھن ميرواهه، مغل شاخ، چانري شاخ، امام واھه، مورجھر دبي شاخ، سورھڏي شاخ، شير واھه، بھادر واھه، بندر واھه، مڇاري شاخ، چورنالي، جاکيجي شاخ ۽ ٻين واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب رھواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آهن. يوسي پيرولاشاري، ڪاڏي قاضيه، دودو سومرو، ڀڳڙا ميمڻ، گهڙو سميت کورواهه، ترائي، ڪڙيو گھنور ۾ ڦٽي جي فصل جي پوکائي نه ٿي سگهي ۽ واٽرسپلا جا تلا به سڪي ويا.
جڏھن ته ڀرپاسي جي علائقن کورواھه چوڪ، ڳوٺ خاناڻي، راھوڪي، فتح آباد، احمد راڄو ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ پاڻي نه ھئڻ ڪري رھواسي سخت پريشان آھن، چوپائي مال جي پيئڻ لا به پاڻي نه آھي، جر جو پاڻي کارو هئڻ ڪري هاڻي ته مسجدن ۾ وضو جي پاڻي جي پڻ وڏي کوٽ پيدا ٿي ويئي آھي، ھتان جي رھواسين علي اڪبر نوحاڻي، مامون نوحاڻي، مامون ملاح ۽ ٻين حڪومت سنڌ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته موجوده واھن ۾ پاڻي ڏئي کوٽ ختم ڪري ضلعي بدين جي رھواسين کي مايوسي کان بچايو وڃي.