اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي هڪ مريض فوت ۽ 375 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 375 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، 226 مريض صحتياب ٿيا. پاڪستان ۾ 30 هزار 329 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، ڪل مريضن جو انگ 15 لک 21 هزار 888 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 15 هزار 800 علاج هيٺ آهن، مريضن مان 506 حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 33 هزار 225 ٽيسٽون ڪيون ويون. هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 71 لک 75 هزار 508 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 5 لک 73 هزار 579 ۽ فوتين جو انگ 8 هزار 91 ٿي چڪو آهي، پنجاب ۾ 5 لک 4 هزار 393 مريض جڏهن ته 13 هزار 548 فوتگيون ٿيون آهن. خيبرپختونخوا ۾ 2 لک 18 هزار 629 مريض جڏهن ته فوتگيون 6 هزار 307 ٿيون. بلوچستان ۾ 35 هزار 458 مريض رپورٽ ٿيا آهن ۽ 378 ماڻهو لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close