گولاڙچي: گولاڙچي ۾ لمپي اسڪن بيماري جو زور وڌي ويو، تعلقي ۾ وٿاڻن جا وٿاڻ خالي ٿي ويا، لائيو اسٽاڪ کاتي پاران مالوندن سان سھڪار نه ڪرڻ سبب ڀاڳيا شديد پريشان، خبر موجب چوپائي مال ۾ ڦهلجندڙ لمپي اسڪن بيماري گولاڙچي ۽ ڀرپاسي ۾ ڪر کنيو آھي. لمپي اسڪن بي قابو ٿيڻ سبب گولاڙچي، احمدراڄو، گھڙو، ترائي سميت ضلعي ۾ سوين ڳائي مال جا ڍور مري ويا آھن.
جڏنھن ته ذڪر ڪيل علائقن ۾ سوين جي تعداد ۾ ڳائو مال روزانو لمپي اسڪن ۾ وٺجي رھيو آھي. جنھن سبب مالوندن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي. هوڏانهن مالوندن الزام هنيو آھي ته سرڪار پاران چوپائي مال جي سار سنڀال ۽ واڌ ويجهه لا جاري ڪيل ڪروڙين روپيه لائيو اسٽاڪ کاتو ھڙپ ڪري ويو آھي.