پاڪستانسنڌ

حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب معيشت جو ڏيوالو نڪري ويو آهي: عوامي جمهوري پارٽي

حيدرآباد: عوامي جمهوري پارٽي پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ لال شاهه جي صدارت هيٺ پارٽي هيڊ آفيس حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، خادم ٽالپر، دريا خان شيخ، نثار احمد چنا، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، نورنبي راهوجو، ڀائودرمحمد ٻرڙو، عاشق چاچڙ، رشيد سڌايو، علي احمد لغاري، لال محمد چانڊيو، غلام قمبر حاجاڻو، ڪليم ملڪ، حريف خان چانڊيو، ايڊوڪيٽ ساجد چانڊيو، شهزادي ڀرڳڙي، وجدان سيال، نورالدين جوکيو سميت ٻين مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪي معيشت جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڪو به فرق نه آهي. ٻئي ڌريون صرف ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ملڪي عوام تي مسلط ٿيڻ چاهين ٿيون. هر حڪومت گذريل حڪومت کان وڌيڪ ڪرپٽ ثابت ٿئي ٿي ۽ انهن جو عوام جي مفاد لاءِ ڪو به منصوبو نه آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن جو پاڻ ۾ وڙهڻ صرف اقتدار ۾ اچي ڪرپشن ڪرڻ آهي.

حڪمران ڌرين سياست کي ايترو ته خراب ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مثال حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جي هارس ٽريڊنگ مان ملي ٿو. هنن چيو ته مهانگائي عام ماڻهو کان جيئڻ جو حق کسي رهي آهي. عام واهپي جي شين غريب عوام جي پهچ کان تمام پري ٿي رهيون آهن. هن ملڪ ۾ صرف مٿئين طبقي جي مفاد جي ڳالهه ۽ انهن کي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ ڪم ٿئي پيو پر عام ماڻهو پنهنجا ٻچا پالڻ لاءِ به پريشان آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوام لاءِ عذاب ثابت ٿي آهي، 13 سالن کان حڪومت نالي ڪا به شئي نظر نه ٿي اچي چونڊيل نمائنده صرف ڪرپشن ۾ پيسو استعمال ڪري رهيا آهن تازو بلاول ڀٽي جي لانگ مارچ ۾ سنڌ جي بجيٽ مان اربين روپيا استعمال ڪيا ويا سنڌ جا شهر مٽي جو ڍير ٿي ويا آهن، پوري سنڌ جو پاڻي پيئڻ جي لائق نه آهي، سنڌ جو عوام زندگي جي بنيادي سهولتن کان به محروم آهي. اجلاس ۾ نالي وري سماج سڌارڪ آپا قمر واحد جي لاڏاڻي تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو پوري سنڌ جا دورا ڪيا ويندا ۽ هر ضلعي ۾ تعميلي ڪانفرنسون پڻ منعقد ڪيون ويندو ۽ ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت جي لاءِ تعليمي تربيتي ورڪشاپ پڻ ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button