پاڪستانسنڌ

تلهار ۾ وڌندڙ بدامني ۽ سماجي براين خلاف ايس ٽي پي جي بک هڙتال

تلھار: تلھار ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات جي وڪرو ۽ جوا جي اڏن خلاف سنڌ ترقي پسند تعلقي قيادت پاران شھر ۾ بک ھڙتالي ڪيمپ قائم ڪري تلھار پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. جڏهن ته بک ھڙتالي ڪيمپ تي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي اگواڻن پهچي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ايس ٽي پي اگواڻ شوڪت عمراڻي، راجا ٿيٻو، اسلم سونارو، شريف سمون، مولانا عبدالقدوس، نواز جتوئي ۽ ٻين چيو ته ايس ايڇ او تلھار ھڪ بااثر ماڻھو آھي.

جيڪو ڳري منٿلي عيوض شھر ۾ سرعام زھر وڪرو ڪرائڻ جي منشيات فروشن جي ڊيلرن کي اجازت ڏئي ڇڏي آھي، هنن چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي ۽ نوجوان نسل جوا جي ڪري تباھي جي ڪناري تي پھچي ويو آھي، هنن چيو ته ايس ايڇ او تلھار کي ھٽائي نئون ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button