پاڪستانسنڌ

ملير لڳ ڳوٺاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لا وارثن جو احتجاج

ملير: 5 ڏينهن اڳ ملير جي عباس بروهي ڳوٺ ۾ قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي تاج محمد ڇٽو جا قاتل ڪيس داخل ٿيڻ باوجود اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، مقتول جي وارثن وٽ سنڌ حڪومت جو اڃا تائين ڪوبه نمائندو نه پهتو آهي، ڪيس ۾ نامزد ايم ڊي اي ڊائريڪٽر عرفان بيگ، ايس ايڇ او فيضان ڪريم جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف مقتول تاج محمد ڇٽو جا وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن، گذريل ڏينهن مقتول تاج محمد ڇٽو جي ڀاءُ سچل ڇٽو، ماءُ حرمت ۽ زال نظيران ڇٽو احتجاج ڪندي چيو ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، اينٽي انڪروچمينٽ سيل، پوليس ۽ روينيو چڙهائي ڪري اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو.

جن جي خلاف ايف آءِ آر پڻ داخل ٿي چڪي آهي، هنن چيو ته بااثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسين غريب آهيون اڃا تائين سنڌ حڪومت جو پڻ ڪو نمائندو اسان وٽ ناهي پهتو ۽ نه ئي وري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button