پاڪستانسنڌ

ايس ايل ايف پڄاڻي پهتو, رياست کي زبان کي هٿي ڏيڻ گهرجي: مقرر

ڪراچي: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ جاري ٽن ڏينهن وارو سنڌ لٽريچر فيسٽيول پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. فيسٽيول جي ٽئين ڏينهن جي شروعات (ڪائنات، زندگي ۽ انسان) جي حوالي سان ڪتاب جي مهورت سان ڪئي وئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر سڪندر مغل ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر سڪندر مغل چيو ته ڪائنات سان جڙيل ٽن اهم موضوعن کي هڪ ڪوزي ۾ بند ڪيو، جيڪو سولو نه هو انسان جو علم سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۽ زمين وچ ۾ تعلق کي واضح ڪيو آهي. هن چيو ته زمين وچ ۾ موجود ريڊيو ايڪٽوٽي، حينيٽڪس ۽ ٽيڪنالوجي جون تبديليون اهم آهن جن جي حوالي ان اسان وٽ هتي نٿو ڳالهايو وڃي پر بين الاقوامي سطح تي انهن موضوعن تي مضمون پڙهايا وڃن ٿا.

ڊاڪٽر ذوالفقار چيو ته ڪتاب جا 3 حصا آهن جن ۾ انساني تاريخ ۽ عقيدت بابت تفصيل بيان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته بگ بينگ کان اڳ هڪ سائنسدان جو خيال هو ته ڪائنات جي اصل بگ بينگ نه آهي. هن چيو ته پال ڊيوس جي ڪتاب لاسٽ ٿري منٽس مطابق جڏهن هي ڪائنات ختم ٿيندي ته انساني دماغ هڪ ڪمپيوٽر ۾ محفوط آهي، ڪمپيوٽر ڊيٽا کي ڪنٽرول ڪندڙ ڪمپنيون دنيا تي راڄ ڪنديون. ٻئي سيشن ۾ شبير ڪنيار جي ڪتاب (ڊجيٽل سنڌي زبان) تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. جنهن جي نظامت ڊاڪٽر ايوب شيخ ڪئي. ڪتاب تي ڳالهائيندي سماجي ڪارڪن وحيده مهيسر چيو ته ڪمپيوٽر پاڻ ختم ٿي چڪو آهي، دنيا جي ترقي جو سبب دنيا آهي، اسان جي رياست کي زبان کي هٿي ڏيڻ گهرجي. شبير ڪنيار چيو ته انگريزي اخبار پڙهڻ لاءِ ويب سائيٽس موجود آهن، نوجوان ان تي وڏي محنت ڪئي آهي، اسان هڪ هنڌ بيٺا آهيون دنيا ۾ جيڪي نيون شيون ملن ٿيون اهي آهستي آهستي اسان وٽ پهچن ٿيون، اسان هر انداز ۾ انگريزي لکي سگهون ٿا. عبيد ٿهيم چيو ته انگريزي زبان جي حساب ڪتاب ۾ اڃا ڪم باقي آهي، عبدالمجيد ڀارتي پنهنجي وڊيو ذريعي خيالن جو اظهار ڪيو.

جڏهن ته فيسٽيول ۾ اديبن منعقد مختلف سيشن ۾ پنهنجي عنوانن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. جڏهن ته سياست، سئنيما ۽ شخصيتون (ڊجيٽل دنيا ۾ سنڌي ادب جو آئينو) (جديد دنيا ۽ اسان جو نوجوان)، (ماڊرن ادب ۾ مادري لينگويج)، (امرجليل سان ڳالهه ٻولهه)، (اسان کي توتي ناز آهي)، (موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي)، (مهتا پيلس جو ڪيس)، (ڌرتي جو ستارو)، جي عنوانن تي ڪيترن ئي اديبن خيالن جو ظهار ڪيو، جڏهن ته پرنٽ ۽ اڪليڪٽرانڪ ميڊيا جو (ماضي، حال ۽ مستقبل) ۾ سعيد غني خاص شرڪت ڪئي. آخر ۾ جون ايليا لان ۾ ڀرپور ميوزيڪل پروگرام ٿيو. جنهن ۾ سونيا، نتاشا، امر مهڪ، رجب فقير سر وکيريا، ايڪما بينڊ جو ارمان رحيم، عدنان آفاق، شاهد رحمان، مصطفيٰ بلوچ، مزمل، شمس العارفين، صدره ۽ جيمبروز پنهنجي پرفارمنس سان سنڌ لٽريچر فيسٽول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button