اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي جو اجلاس 14 ڏينهن اندر نه گهرائڻ تي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد :پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وزيراعظم خلاف بي اعتمادي پيش ٿيڻ جي 14 ڏينهن اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته بي اعتمادي پيش ٿيڻ جي 14 ڏينهن اندر قومي اسيمبلي جو گهرائڻو هوندو آهي، نه گهرائڻ آئين ٽوڙڻ آهي ۽ ان خلاف عدالت وينداسين. بزدل ڪپتان پهرين ڏينهن کان ڀڄي رهيو آهي. اسپيڪر خلاف گڏيل اپوزيشن جي فيصلي تحت هلنداسين. هن چيو آهي ته سٺو آهي او آءِ سي ڪانفرنس ٿي رهي آهي پر اها پاڪستان نه افغانستان تي ٿي رهي آهي، اها ڪانفرنس طالبان لاءِ گهرائي پئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪمران جماعت جو ڪم هو ڪشمير ڪيس خراب ڪرڻ ۽ حڪومت کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته ملڪ جي خود مختياري کي نقصان پهچايو وڃي.هن چيو ته آصف زرداري سي پيڪ، ايران پاڪستان گئس پائپ لائين منصوبو شروع ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان جو ڪم ئي اهو هو ته سي پيڪ کي ناڪام ڪيو ۽ توهان اهو ڪيو. اسان توهان جي فارن فنڊنگ ڪيس جي ڪرپشن جو حساب گهري رهيا آهيون، توهان وٽ هر ادارو هو، 3 سالن ۾ ڇو ڪنهن جي خلاف ڪرپشن جو ثبوت پيش نه ڪيو. سندس چوڻ هو ته حڪومت جا هاڻ آخري ڏينهن شروع ٿي چڪا آهن، هاڻ توهان کي هر شئي جو حساب ڏيڻو پوندو. تاريخ ۾ لکيو ويندو ته ڪهڙو ميمبر آئين ۽ عوام سان گڏ بيٺو هو. عوام هر ان شخص کان نفرت ڪري ٿو، جيڪو 3 سالن کان توهان جو سهولتڪار بڻيل آهي. بلاول ڀٽو چيو ته باغي ميمبرن کي سنڌ هائوس منتقل ڪيو ويو ته وفاقي وزيرن پروپئگنڊا شروع ڪئي. سڀني ڏٺو ته عمران خان پارليامينٽ ۽ لاجز تي حملو ڪيو، ڊڄڻي عمران خان کي پهرئين ڏينهن کان شڪست نظر اچي رهي آهي. عمران خان آئين ٽوڙيو آهي، قومي اسيمبلي اسپيڪر آئين تي عمل نه ڪيو، 14 ڏينهن گذرڻ باوجود سيشن نه گهرايو. هاڻي اسان عدالت ۾ وينداسين. اسان هن هارايل ماڻهو کي عوام جي قسمت نه کيڏڻ ڏينداسين. هي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ادارا نيوٽرل نه رهن، هي چاهين ٿا ته ملڪ ۾ آئيني بحران پئدا ڪيو وڃي. اسان چاهيون ٿا ته هر ادارو حدن ۾ رهي ڪم ڪري. وزيراعظم نيوٽرل تي جانور چيو پر ان معافي ناهي ورتي.وزيراعظم ۾ همت آهي ته ٻيون ڳالهيون ڇڏي، پارليامينٽ ۾ اسان جو مقابلو ڪري. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي سوشل ميڊيا ٽيم ۽ انهن جي مهم جو نوٽيس ورتو وڃي.عمران خان رياست مدينا جو نالو استعمال ڪرڻ بند ڪري، توهان ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي ناڪام بڻايو آهي. توهان اهو نه سمجهو ته توهان ڀٽو بڻجي سگهو ٿا، نقل لا به عقل کپي ٿو. توهان ڀارت جي پرڏيهي پاليسي اختيار ڪري رهيا آهيو، توهان ڪشمير تي او آ سي ناهي گهرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button