پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ مبينا مقابلي ۾ جوابدار مارجي ويو، ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي شرافي ڳوٺ ۾ هٿياربند فائرنگ ڪري ايس ايڇ او سميت ٽن پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪري ڇڏيو، فائرنگ ڪندڙ جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. ايس ايس پي ملير عرفان بهادر ٻڌايو ته سهراب ڳوٺ ۾ مقرر پوليس اهلڪار نديم ۽ مجيد نالي شخص وچ ۾ مجيد پاران هٿيار کڻي هلڻ کان منع ڪرڻ تي جهيڙو ٿيو ته جوابدار مجيد اهلڪار نديم تي گوليون هلائي ان کي زخمي ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او شرافي ڳوٺ عديل شاهه پوليس سميت پهتو ته جوابدار پوليس تي به فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او عديل شاهه ۽ اهلڪار ياسر به زخمي ٿي پيا.

پوليس جوابدار کي پاڻ کي قانون جي حوالي ڪرڻ لاءِ چيو پر جوابدار پنهنجي گهر مان پوليس تي فائرنگ ڪندو رهيو، پوليس ۽ جوابدار وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ جوابدار مجيد سخت زخمي ٿي پيو ۽ ان کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري جوابدار جو مڙهه قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال پهچائي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button