ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان کي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبن سان اختلاف نه آهي، انهن سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پي ٽي آئي اڳواڻن الزامن سان سياست کي گندو ڪري ڇڏيو آهي، هي ماڻهو پنهنجن ئي ايم اين ايز تي الزام مڙهين ٿا. خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان کي ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ جو اڳ به احترام هو ۽ هاڻي به آهي، بلاول ڀٽو زرداري جڏهن ايم ڪيو ايم جي مخالفت ۾ بيان ڏنا، اهو ايم ڪيو ايم باني جو زمانو هو پر موجوده ايم ڪيو ايم پاڪستان ايم ڪيو ايم باني سان لاتعلقي جو اظهار ڪري چڪي آهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي تجويز ٻاراڻي حرڪت آهي، ان تي عمل ئي نٿو ٿي سگهي، ڇو ته 18 هين ترميم گورنر راڄ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. وڌي وزير چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ ايم اين ايز سان پوليس جو ورتاءُ سڀني ڏٺو، هرهڪ کي حق آهي ته پنهنجي مرضي سان ووٽ ڏئي. وزيراعظم جلسي ۾ سنڌ هائوس بابت عجيب ڳالهيون ڪيون، هن ٽي وي تي ايم اين ايز تي الزام مڙهيو، گاريون ڏنيون، ايم اين ايز پاڻ چيو هو ته ميڊيا سان ڳالهائڻ گهرون ٿا، ايم اين ايز انٽرويو ۾ پنهنجي مٿان لڳل الزامن جي وضاحت ڪئي.