اسلام آباد : وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي پوليس سنڌ هائوس تي حملي جي ايف آءِ آر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 2 قومي اسيمبلي جي ميمبرن جا نالا شامل ڪري ڇڏيا. ذريعن موجب ڪراچي مان پي ٽي آءِ جي ايم اين اي فهيم خان ۽ عطاءُ الله جا نالا شامل ڪيا ويا آهن ۽ ٻنهي ميمبرن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ هائوس ۾ حملي جي سمورين فوٽيجز ۾ ايم اين ايز واضح نظر اچي رهيا آهن، حملي ۾ ملوث ڪيترائي ڪارڪن انهن جي گاڏين ۾ آيا. ذريعن موجب پوليس ضمني ايف آءِ آر ۾ ٻنهي ايم اين ايز جا نالا شامل ڪري ڇڏيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close