اسلام آباد:ايشيائي ترقياتي بئنڪ 30 ڪروڙ ڊالر قرض پاڪستان لاءِ منظور ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاڪستان کي 300 ملين فنڊ جاري ڪرڻ تي اي ڊي بي جو ٿورائتو آهيان. اقتصادي معاملن واري وزير عمر ايوب ٽوئيٽر تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان کي 300 ملين فنڊ جاري ڪرڻ تي اي ڊي بي جو ٿورائتو آهيان. پاڪستان کي بجيٽ خسارو گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ 30 ڪروڙ ڊالر رقم قرض طور پاڪستان جي ڪئپيٽل مارڪيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ منظور ڪئي وئي آهي. اي ڊي بي مطابق هي رقم خانگي سيڙپڪاري، وسيلن ۽ جٽادار واڌ تي خرچ ٿيندي. ٻئي پاسي پاڪستان گذريل مالي سال ۾ 7 ڏهائي 4 ارب ڊالر قرض ادا ڪري ڇڏيو آهي. ادا ڪيل رقم ۾ 7 ڏهائي 267 ارب ڊالرز مرڪزي قرض ۽ 13 ڪروڙ ڊالر ضمانتي قرض هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close