اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخوا

وزيراعظم مٿان روڪڻ باوجود جلسو ڪرڻ تي 50 هزار رپيا ڏنڊ

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان تي هڪ دفعو ٻيهر ڏنڊ وجهي ڇڏيو آهي. ذريعن مطابق ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر (ڊي ايم او) سوات ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان تي 50 هزار رپيا ڏنڊ ڪيو. ان کان سواءِ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، مراد سعيد، صوبائي وزيرن ڊاڪٽر امجد علي، محب الله تي به 50 هزار رپيا ڏنڊ هنيو ويو آهي. رپورٽس مطابق وزيراعظم سميت وزيرن تي ڏنڊ 16 مارچ تي سوات ۾ جلسو ڪرڻ تي هنيو ويو آهي. ان کان سواءِ اليڪشن ڪميشن 25 مارچ تي وزيراعظم جي مانسهره جي دوري جو به نوٽيس ورتو ۽ دوري کي ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button