اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، 228 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي تازن انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ ٻه ڄڻا فوت ۽ 228 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ ڪرونا وگهي فوتين جو ڪل انگ 30 هزار 333 ٿي ويو. جڏهن ته 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا جون 27 هزار 741 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن ۾ وڌيڪ 228 ماڻهن ۾ ڪرونا جي تصديق ٿي آهي. ملڪ ۾ ڪرونا جا ڪيس هاڪاري اچڻ جي شرح 0 ڏهائي 82 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ ڪرونا جا 470 مريض انتهائي نگهداشت ۾ علاج هيٺ آهن. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪرونا سان متاثر ٿيندڙن جو ڪل انگ 15 لک 22 هزار 419 تائين پهچي چڪو آهي. سنڌ ۾ ڪرونا ڪيسن جو انگ 5 لک 73 هزار 850، پنجاب ۾ 5 لک 4 هزار 504، خيبرپختونخوا ۾ 2 لک 18 هزار 736 ۽ بلوچستان۾ 35 هزار 459 آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button