اسلام آباد :چيني پرڏيهي وزير چيو آهي ته اسان دهشتگردي کي ڪنهن هڪ فرقي سان جوڙڻ جي مخالفت ڪيون ٿا. چين مسلم دنيا ۾ 400 ارب ڊالر جو سرمايو لڳائي رهيو آهي. ڪالهه او آءِ سي اجلاس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيني پرڏيهي وزير وانگ زي چيو ته پاڪستان سان دوساتاڻا لاڳاپا چين جي روايتن جو بنياد آهي ۽ چين گڏيل قومن ۾ اسلامي دنيا جي حمايت نٿو وساري سگهي. هن چيو ته فلسطيني مسلمانن لاءِ چين جي حمايت سدائين رهي ۽ چين ٻه رياستي حل لاءِ فلسطيني عوام سان گڏ آهي. سندس چوڻ هو ته تاريخ ثابت ڪيو ته چين مسلم دنيا جو انتهائي مخلص دوست آهي. چين اسلامي دنيا سان مضبوط سهڪار سان گڏوگڏ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسان کي سلامتي ۽ استحڪام ۾ ڀائيواري لاءِ اڳتي وڌڻو آهي. وانگ زي چيو آهي ته چين مسلم دنيا ۾ 400 ارب ڊالر سرمايو لڳائي رهيو آهي، چين سوا ارب ڪووڊ 19 کان بچاءُ جون ويڪسين خوراڪون 50 ملڪن کي ڏنيون ۽ اسلامي دنيا کي وڌيڪ 30 ڪروڙ ويڪسين خوراڪون فراهم ڪندو. هن چيو ته 54 مسلم ملڪن هڪ روڊ هڪ رستو منصوبي تي صحيحون ڪيون آهن ۽ چين مسلم دنيا ۾ 600 منصوبن تي 400 ارب ڊالر جو سرمايو لڳائي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close