:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته او آ سي فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ناڪام ٿي چڪي آهي. اسان فلسطينين ۽ ڪشميرين کي مايوس ڪيو آهي. اهو چوندي افسوس ٿي رهيو آهي ته اسان ڪو اثر قائم نه ڪري سگهياسين. ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزير جو اجلاس شروع ٿي ويو، جنهن ۾ 57 ملڪن جا پرڏيهي وزير، مبصر ۽ مهمان شريڪ آهن. او آءِ سي ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلمان ڏيڍ ارب آهن پر انهن کي اهميت نه پئي ڏني وڃي. سڀني مسلمان ملڪن جي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي آهي. هن چيو ته مسلمانن کي دهشتگردي سان جوڙيو ويو، مذهب جو دهشتگردي سان واسطو ناهي. اسلامو فوبيا هڪ حقيقت آهي، اسان کي پنهنجو بيانيو اڳتي وڌائڻو پوندو. نائن اليون کانپوءِ اسلامو فوبيا جي سوچ ۾ واڌ ٿي، اسلامو فوبيا خلاف گڏيل قومن ۾ تاريخي ٺهراءَ منظور ٿيا. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ انساني بحران آهي، اتان جا ماڻهو پسند نٿا ڪن ته ڪير کين ڊڪٽيٽ ڪري، 40 سال ٿي ويا آهن ڪا قوم افغانستان جيان متاثر نه ٿي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ٻاهريان ماڻهو آڻي مسلمانن کي اقليت بڻائي رهيو آهي. ڀارت غير قانوني طور ڪشمير جو خاص اسٽيٽس ختم ڪيو. عمران خان جو چوڻ هو ته اسان کي اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته اسان فلسطينين ۽ ڪشميرين کي مايوس ڪيو، ڪشميرين کي پنهنجي قسمت جي فيصلي جو اختيار نه پيو ڏنو وڃي. ڀارت مسلم آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. مون کي اهو چوندي افسوس ٿي رهيو آهي ته ان حوالي سان اسان ڪو اثر قائم نه ڪري سگهياسين. اسان کي سنجيده ناهي ورتو ويندو، ڏيڍ ارب مسلم آبادي هجڻ باوجود اسان ان ظلم کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون. هن روس يوڪرين جنگبندي لاءِ او آءِ سي ۽ چين جي گڏيل ڪوششن جي تجويز ڏني ۽ اسلامي ملڪن کي اڻ ڌريو رهڻ جو مشورو ڏنو. سندس چوڻ هو ته اسلامي ملڪ ڪنهن بلاڪ ۾ وڃڻ يا جنگ جو حصو بڻجڻ بدران متحد رهن. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ انساني بحران آهي، اتي جا ماڻهو پسند نٿا ڪن ته ڪير هنن کي به ڊڪٽيٽ ڪري، 40 سال گذري ويا آهن ۽ ڪائي قوم افغانستان جهڙو متاثر نه ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ٻاهران آيل ماڻهن کي آڻي مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهيو آهي. ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي غير قانوني طور ختم ڪيو آهي، عالمي برادري ڀارت جي غير قانوني قدمن جي خلاف قدم کڻي. هن چيو ته غريب دنيا ۾ امير لا هڪڙو ته غريب لا ٻيو قانون آهي، هتي وائيٽ ڪالر ڪرمنلز کي نٿو پڪڙيو وڃي. اڄ اولهه جي ملڪن کي ڏسي افسوس ٿيندو آهي ته اتي جيڪو فلاحي رياست جو تصور آهي، اهو مسلم ملڪن ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي. افسوس جو مسلمان پاڻ مديني جي رياست جي ماڊل کان واقف ئي ناهن. هن چيو ته آئون خوش آهيان ته پهريون ڀيرو عالمي سطح تي اسلاموفيا جو ادراڪ ٿي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close