پيرولاشاري: پيرولاشاري ۾ يوسي سيڪريٽري جي ڪرپشن خلاف پ پ اڳواڻ ممتاز پٺاڻ، سليمان ناريجو، مختيار پٺاڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته گذريل 5 سالن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به قسم جو ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو نلڪو مليو آهي.
ھنن ٻڌايو ته اسان يوسي ۾ پيدائشي ۽ رھائشي سرٽيفڪيٽ يا ٻارن جي ب فارم وٺڻ لا 5 سئو کان به مٿي في وٺڻ ۽ 20 کان 25 ڏينهن تائين يوسي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پئون ٿا. ھنن چيو ته يوسي پيرولاشاري ۾ ڪرپٽ سيڪريٽري خلاف قدم کنيو وڃي، ٻي صورت ۾ اڄ پريس ڪلب آڏو بک ھڙتال تي ويهي مسئلا حل ٿيڻ تائين بک هڙتال ڪئي ويندي.