گولاڙچي: گولاڙچي شهر ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تيار ڪيل بس اڏو انتظاميا جي لاپرواهيءَ سبب عوام کي لاڀ نه ڏئي سگهيو، بس اڏي جي منھن وٽ وري ڀاڙي تي ھلندڙ ٽريڪٽر ٽرالي وارن قبضو ڪري ورتو آهي، بس اڏي جي مالڪي نه ڪرڻ ۽ ٽائون ڪمیٽي انتظاميا جي لاپرواهيءَ سبب شھر جي رولو جانورن سان گڏ موالين به بس اڏي کي پنهنجو اڏو بڻائي ڇڏيو آهي، جڏھن ته گولاڙچي شهر جي مين روڊ تي گاڏين جا اڏا ھجڻ ڪري مين روڊ ڪراچي بدين، حيدرآباد، احمد راڄو روڊ سڄو ڏينهن ٽريفڪ جام ھجڻ ڪري عوام لاءِ ڪنھن عذاب کان گھٽ نه آھي، گولاڙچي شهر۾ بس اڏا قائم ھجڻ ڪري اڏن جي مالڪي تان روز روز جي تڪرارن سبب ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
انتظاميا جي دلچسپي نه وٺڻ ڪري ڪروڙن جي لاڳت سان تيار ڪيل بس اڏو گولاڙچي شھر سميت ڪراچي، اسلام ڪوٽ، مٺي، حيدرآباد ڏانهن ايندڙ ويندڙ مسافرن کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ته ٻئي طرف گولاڙچي شھر ۾ چنگچي رڪشائن جو ڪوبه اسٽاپ نه ھجڻ ڪري روڊن تي چنگچي رڪشائن جو آزار وڌي ويو آهي، جنھن ڪري چنگچي رڪشائن جي ڊرائيورن ۽ دڪاندارن جا جھيڙا پڻ معمول بڻيل آهن، سياسي سماجي ۽ واپاري تنظمين جي اڳواڻن مولوي فتح محمد مهيري، ايڊووڪيٽ عدنان فاروق مهر، سميع الله ميمڻ ۽ ٻين ڊپٽي ڪمشنر بدين کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر مان حددخليون هٽائي روڊن تي بيٺل گاڏيون بس اڏي ڏانهن منتقل ڪري عوام لا پيدا ٿيل آزار ختم ڪرايو وڃي.