ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ 16 هون ڊگري شو شروع ٿي ويو. نمائش جو افتتاح ڊائريڪٽر ايٽ آرڪيٽيڪٽ طارق حسين ۽ ناليواري آرڪيٽيڪٽ همير سومرو، ناليواري ليکڪا ۽ ڊراما نگار نورالهديٰ شاهه ۽ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر گڏيل طور ڪيو. نمائش ۾ يونيورسٽي جي 2017 بئنچ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٿيسز ڪم تي ٻڌل پينٽنگز، مجسما، ماڊل، ڪپڙن جون نت نيون ڊيزائنون، مختلف عمارتن جي نئين سر تعمير جا فن پارا، ڪاشيگري جو سامان ۽ اشتهارن جا نوان خيال نمائش ۾ پيش ڪيا ويا. نمائش ۾ فائن آرٽ جي نوجوانن پاران چهري جي تاثرن، انضمام، سماج، جنسي تفاوت، انسان ۽ جانور جو رشتو، لامحدود، شخصيت پرستي، هوشيار نوجوان، غور و فڪر، خوبصورتي، ارتقا جو سفر، بي ترتيبي، ٿر ۾ ڏڪار، زير تعمير يادگيريون، ڪتاب، مغلن جي دور، سائنس، ثقافتي مٽا سٽا، عمر مارئي، مغل ايڪويهين صديءَ ۾ ۽ ٻين موضوعن تي پينٽنگس توڙي مجسما ٺاهيا. ڪميونيڪيشن ڊزائن جي نوجوانن پينٽنگ جا سئو ڏينهن، وقت ۽ خلا جي وچ ۾، نوي واري ڏهاڪي جا هوشيار ماڻهو، وڏڙن جو ورثو، لکا سهارا فائونڊيشن، روپا ماڙي جو ليجنڊ، دلچسپ ٿر، انهن جا خط ۽ ٻين موضوعن تي نت نوان خيال پيش ڪيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close