پاڪستانسنڌ

ڄام نواز علي ۾ ٻن ڳوٺن ۾ باهه، 40 گهر سڙي رک ٿي ويا

ڄام نواز علي: ڄام نواز علي جي ٻن ڳوٺن ۾ باهه لڳڻ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 40 ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن واهر جي اپيل ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب ڄام نواز علي ويجهو ڳوٺ يوسف آرائين ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم جي ڊي اي اڳواڻ ڄام نفيس علي خان جي ڳوٺ سميت ٻن ڳوٺن ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب آرائين ۽ ڀيل برادرين جا 40 ڪکاوان گهر سڙي ويا، غلام اڪبر آرائين، سرور آرائين، سردار آرائين، شاهه محمد رائين، ٿائون مل، ڪرشن، مشو لعل ۽ ٻين جي گهرن کي باهه ساڙي رک ڪري ڇڏيو، گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ بسترا، زيور، ڪاغذ ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن موجب اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو توڙي انتظاميا نه پهتي، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو. هوڏانهن گهر سڙڻ بعد متاثر ڳوٺاڻا عورتن ۽ ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا، جن سنڌ سرڪار ۽ ڊي سي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته اسان جي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button