سيٺارجا: سيٺارجا شھر جي عثمان آباد پاڙي جي رھواسڻ 4 ٻارن جي ما تبسم زال رياض حسين مغل نيشنل پريس ڪلب پھچي دانھيو آھي ته منھنجو مڙس ڪراچي ۾ فيڪٽري ۾ نوڪري ڪندو آھي، آئون ٻارن سميت مڙس جي گھر رھندي آھيان. گذريل ڪجھه عرصي کان منھنجو ڏير تنوير مغل ۽ ڏيرياڻيون دشمن بڻجي ويون آھن، اهي گھر تي قبضو ڪرڻ لا تشدد ڪندا رھن ٿا ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رھن ٿا، اڄ تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو آھي. ھن ٻڌايو ته سيٺارجا پوليس کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪيو، پر پوليس تحفظ نٿي ڏي. ھن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته ٻارن سميت تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close