ميرپوخاص: ميرپورخاص ۾ اڏاوتي ڪم دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 پورهيت فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب پراڻي ميرپور ٿاڻي جي حد بحرين گولڊن سٽي واري علائقي ۾ تعميراتي ڪم دوران ڪرين تي ڪم ڪندي ٻن پورهيتن کي مٿان گذرندڙ 11 هزار وولٽ جي تارن مان ڪرنٽ لڳي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ علي ٽالپر ٽائون واسي 50 ورهين جو پورهيت بچو ولد سائين بخش خاصخيلي ۽ ڪوس گهر واسي پورهيت 48 سالن جو گلزار پنجابي فوت ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي پورهيتن جا لاش کڻايا، جيڪي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانئجي وئي. اطلاع تي فوتين جا وارث سول اسپتال پهتا، جتي روڄ راڙو مچي ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close