اسلام آبادپاڪستان

او آءِ سي قراردادن کان اڳتي عملي قدم کڻڻ تي ڌيان ڏي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي کي قراردادن کان اڳتي وڌي عملي قدم کڻڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پائيدار حل لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ اضافو ڪري. ڪشميري عوام عالمي ضمير کي ان وقت تائين جنجهوڙيندي رهندي، جيستائين انهن جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿئي. ڪالهه پرڏيهي وزارت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تي منعقد او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي، پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جو حق، آزادي جو نچوڙ ۽ انساني وقار جي لاءِ اهم آهي. ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غيرقانوني طور تي لهڻ کانپوءِ ڪشميري گذريل 70 سالن کان وڌيڪ عرصي کان انتهائي ڏاڍ ۽ ظلم ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. افسوس جو عالمي قانون ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪندي غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي ذريعي ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت کي پنهنجي ئي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن شاهه محمود قريشي ۽ شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جو سفير نواب سعيد المالڪي به موجود هو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي سرزمين تي حوثين پاران ڊرون ۽ ميزائيل حملن جي هميشه مذمت ڪئي آهي. جڏهن ته پرڏيهي وزير سان بحرين جي هم مصب عبداللطيف الزياني پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻطرفو لاڳاپا، مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button