پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ حددخلين خلاف آپريشن، سينيٽري انسپيڪٽر کي مارڪٽ، ڌرڻو

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ ناجائز حددخلين خلاف آپريشن دوران دڪاندارن چيف سينيٽري انسپيڪٽر ۽ عملي کي مارڪٽ ڪئي، پوليس دڪاندارن تي لٺبازي ڪري ڏني. دڪاندارن جزوي هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ميونسپل عملي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر عمران نظير شيخ، سي ايم او همايون عمران راجپوت ۽ ڊي ايس پي اشتياق آرائين جي اڳواڻي ۾ پوليس سان گڏ ناجائز حددخلين خلاف آپريشن ڪري صندل ۽ سائن بورڊ تحويل ۾ ورتا، آپريشن دوران موبائل شاپ جي دڪاندار جهانزيب صديقي ۽ ميونسپل عملي ۾ منهن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو، دڪاندارن سينيٽري انسپيڪٽر حميد بلوچ، مختيار ڀٽي ۽ عملي کي مارڪٽ ڪئي. پوليس دڪاندارن تي لٺيون وسائي ڇڙوڇڙ ڪيو. بعد ۾ ميونسپل عملو آپريشن ختم ڪري آفيس موٽي آيو، جنهن کانپو دڪاندارن جو وڏو انگ ميونسپل آفيس پهچي ويو، دڪاندارن آفيس ۾ داخل ٿي نعريبازي ڪئي ته اهلڪارن کين ٻاهر ڪڍي مين گيٽ بند ڪري ڇڏيو، دڪاندار مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي دڪاندار جهانزيب صديقي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ميونسپل عملي ۽ پوليس اهلڪارن سامان کنيو، منهنجي ٽيبل کي ٽوڙيو، ان مان 85 هزار روڪ رقم ۽ موبائل فون کڻي مون کي مارڪٽ ڪئي. هوڏانهن ميونسپل عملدارن جو چوڻ آھي آپريشن ۾ رنڊڪ وجهڻ لا دڪاندارن عملي کي مارڪٽ ڪري گٿا لفظ ڳالهايا ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪري آپريشن کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي پاسي انجمن تاجران اڳواڻ حبيب بهلم، اقبال ڀٽي ۽ جماعت اسلامي اڳواڻ مشتاق عادل ڌرڻي واري هنڌ پهچي ٻڌي جو اظھار ڪيو. هوڏانهن اڳواڻن ۽ انتظاميا ۾ 2 ڪلاڪ ڳالهيون ٿيون، جنهن بعد 3 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button