راڌڻ: راڌڻ ۾ درگاهه مخدوم سعدي موساڻي جي صحن جا مين گيٽ گذريل چئٔن سالن کان بند ڪرڻ خلاف شھري اتحاد جي سڏ تي سياسي سماجي شخصيتن ۽ دوڪاندارن پ پ اڳواڻ غلام مصطفيٰ سيال، پي ٽي آ اڳواڻ محمد اسماعيل لاکير ۽ شھري اتحاد جي ذوالفقار لاکير جي اڳواڻي ۾ بچا بند تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي، جڏهن ته ٽائٔر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اوقاف کاتو نذراني جي رقم هڙپ ڪري رهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا دروازا کولڻ لا احتجاج ڪيو آهي، پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.
راڌڻ/مظاهرو، ڌرڻو