ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ايگريڪلچرل انجنيئرنگ جي ميزباني هيٺ پاڻي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان “نظر نه ايندڙ جر جي پاڻي کي ظاهر ڪرڻ” جي عنوان هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي فيڪلٽي جي ڊين ۽ پاڻي ماهر ڊاڪٽر الطاف سيال چيو ته موسمي تبديلين ۽ اڻبرابري وارين برساتن جر جي پاڻي تي ڪافي ناڪاره اثر وڌا آهن، وڌندڙ آبادي سبب مستقبل ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جا خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا، ان ڪري اسان کي زمين مٿان موجود پاڻي سان گڏ جر جي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻو پوندو، هن چيو ته ناران ۽ ڪاغان کان سنڌ جي ڊيلٽا واري علائقي تائين ايندڙ دريائي پاڻي کي شهرن جي گندگي ۽ ڪيميڪل واري پاڻي سان خراب ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري سنڌ جي پڇڙي تائين پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي وڃي ٿو، ويتر مٺي پاڻي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري، ڊيلٽا جي جر جو پاڻي زهريلو ۽ اتان جون زرعي زمينون سمنڊ ڳهي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو هجي يا بين الصوبائي پاڻي وارو معاهدو ٻنهي ۾ جر جي پاڻي جي ورهاست ۽ استعمال جو ڪو فارمولو يا ميڪينزم طئي ٿيل نه آهي. هن تجويز ڏني ته 2022ع جي سال دوران جر جي پاڻي جي سروي، نگراني ۽ استعمال لاءِ جديد طريقا لاڳو ڪرڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
سيڊا جي جنرل مينيجر غلام مصطفى اڄڻ چيو ته سنڌ جي وڏن روهڙي ڪئنال ۽ نارا ڪئنال جي پاڻي جي سطح 14 هزار ڪيوسڪ مان گهٽجي 4 هزار ڪيوسڪ تي پهتي آهي، خريف جي پوک لاءِ گهربل پاڻي نه هجڻ جي برابر آهي، هن چيو ته سولر سسٽم اچڻ کانپوءِ آبادگار جر جي پاڻي جو استعمال ڪري رهيا آهن، انگ اکر نه هجڻ ڪري اها خبر به ناهي ته صوبي ۾ ڪيترا واٽرڪورس يا ٽيوب ويل موجود آهن، ان ڪري جي آئي ايس نظام کي هٿي ڏيڻي پوندي، ڊائريڪٽر ٽريننگ واٽر مينيجمينٽ محمد ايوب بڙدي چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ پاڻي جي حوالي سان بهترين علمي ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۽ آبپاشي جي حوالي سان مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ انٽرنشپ جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪيا آهن، ڊاڪٽر عبدالغفور سيال ۽ ڊاڪٽر منير احمد مڱريو چيو ته اهڙا ڏِهاڙا ملهائڻ سان پاڻي جي اهميت ۽ افاديت عام آبادگار تائين پهچائڻ ۾ مددگار ٿي سگھن ٿا، هنن چيو ته جر جي پاڻي کي زراعت ۽ پيئڻ لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ واضع پاليسي ٺاهي وڃي. سيمينار ۾ عمرڪوٽ سب ڪئمپس جو پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر جان محمد مري، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، استادن ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو.