پاڪستانسنڌ

پوجا ڪماري جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي روهڙي ۾ نوجوان نياڻي پوجا ڪماري کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته پوجا ڪماري جو قتل ھڪ فرد جو نه پر پوري انسانيت جو قتل آهي. هن اغوا ۽ جبري مذهب مٽائڻ جي ڪوشش خلاف مزاحمت ڪئي هئي. سندس همت ۽ طاقت کي سلام پيش ڪريون ٿا، اياز لطيف پليجي چيو ته ڪٿي آهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون؟ پوليس؟ پارليامينٽ؟ عدالتون؟ عورتن ۽ اقليتن خلاف تشدد جي هن لعنت کي جاري رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون عورتن کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام رھيون آهن.

اياز لطيف پليجي چيو ته جناح جي پاڪستان ۾ عورتن ۽ اقليتن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لازمي آهي. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ عورتون سخت ظلمن کي منهن ڏئي رهيون آهن، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌي سماج اندر ڏينهون ڏينهن عورتن جي حوالي سان حالت بدتر ٿيندي پئي وڃي. هن سماج ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ عورت ڪيترين ئي اذيتن کي ڀوڳي ٿي، ڪڏهن کيس ٺلها ڪوڙا الزام هڻي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو ته ڪٿي زوري مذهب مٽرايو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري کيس جيئرو ساڙيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي قتل جو نوٽيس وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button