سڪرنڊ: ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه سڪرنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عدم اعتماد جي حوالي سان سپريم ڪورٽ کي طاقتور فيصلي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙي لولي لنگڙي جمهوريت جي ضرورت نه آهي، جتي سوئيپر جي نوڪري ۾ به ڪرپشن ٿئي. جمهوريت صاف سٿري ۽ ڪرپشن کان پاڪ هئڻ گهرجي. عدم اعتماد جي ضرورت نه هئي ۽ نه ئي سنڌ ۾ گورنر راڄ جي ضرورت آهي. اڃا اهڙيون حالتون نه آهن. عدم اعتماد ۾ ڪرپشن جو پئسو استعمال ٿي رهيو آهي، ماضي جي سينيٽ اليڪشن ۾ پڻ هارس ٽريڊنگ ٿي، هارس ٽريڊنگ ۾ جيڪو ميمبر ملوث هجي ان کي تاحيات نااهل ڪيو وڃي، جيئن تاريخ مان ايندڙ ميمبر سبق حاصل ڪري سگهن.
پي ڊي ايم ۾ ڪجهه ڪرپشن ڪندڙ جماعتن جا اڳواڻ شامل آهن، سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي. پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان ڏيندڙن کي سرڪار پاران انٽرويو جي تاريخ ڪينسل ڪري کين ٽيسٽ کان روڪيو ويو آهي، ٽيسٽ کان اڳ حڪومتي ڌر جا وزير 40 لک روپيه ڏيندڙن کي پاس ڪرائڻ جو چئي رهيا آهن. اسان کي هرگز اهڙي جمهوريت جي ضرورت نه آهي. سيد زين شاهه چيو ته نواب ولي محمد ۾ ڀنڊن جي قتل ٿيل پنجن ڄڻن بعد ٿيل احتجاج دوران بااثر ڌرين ڀنڊن کي مختلف پئسن، سماجي واسطن، منٿن ۽ دٻاءَ ذريعي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا پر هو ناڪام رهيا. صرف ڀنڊن کي پاڻ ۾ هڪٻئي تي ڪيس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هن چيو ته ضلعي پوليس صرف ڀنڊن تي ڇاپا هڻي رهي آهي. پر اصل قاتلن خلاف ڪو به ايڪشن نه ورتو پيو وڃي. ان موقعي تي ليکڪ غلام حسين جوڻو، رجب جلباڻي ۽ ٻيا موجود هئا.