اسلام آبادپاڪستان

آءِ جي يقين ڏياري ته سنڌ هائوس جهڙو واقعو ٻيهر نه ٿيندو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ سياسي پارٽين جا جلسا روڪڻ جي حوالي سان داخل درخواست تي شنوائي جو حڪم نامو جاري ڪندي چيو آهي ته اٽارني جنرل ريڊ زون مان جلسا ٻاهر ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين سان مشاورت ڪندو. عدالت پارليامينٽ جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي، ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 24 مارچ تي ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته صدارتي ريفرنس تي شنوائي اهم آهي، جڏهن ته وقت جي به گهٽتائي آهي. سمورين سياسي پارٽين جا وڪيل 24 مارچ تائين لِکت ۾ دليل جمع ڪرائين، لکت ۾ دليل جمع ٿيڻ سان زباني دليل جلد مڪمل ٿي سگهندا. عدالت کي ٻُڌايو ويو ته حڪومت ۽ اپوزيشن جي پارٽين جلسن جو اعلان ڪري رکيو آهي. اٽارني جنرل سياسي پارٽين کي ضلعي انتظاميه سان ڳالهين جي تجويز ڏني آهي. انتظاميا سان گڏجي ڪري مناسب هنڌ جو تعين ڪرڻ جي تجويز سٺو سنوڻ آهي. عدالت اٽارني جنرل کي سياسي پارٽين جي وڪيلن جي ضلعي انتظاميا سان ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي اسلام آباد يقين ڏياري ته سنڌ هائوس جهڙو واقعو ٻيهر نه ٿيندو. عدالت کي عدم اعتماد واري تحريڪ جي حوالي سان ريڊ زون جي سخت سيڪيورٽيءَ کان آگاهه ڪيو ويو. آءِ جي اسلام آباد سنڌ هائوس واقعي جي ايف آءِ آر جي ڀرپور پيرويءَ جو يقين ڏياريو. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبليءَ جو اجلاس دير سان سڏائڻ تي عدالت جي ڪا دلچسپي ناهي. عدالت آڏو رڳو بار جي درخواست ۽ صدارتي ريفرنس آهي. عدالت پارليامينٽ جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي، بهتر ٿيندو ته پارليامينٽ جا معاملا پارليامينٽ اندر ئي حل ڪيا وڃن. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل يقين ڏياري ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن سميت ڪنهن ميمبر کي ووٽ وِجهڻ کان نه روڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button