اڏيرولال اسٽيشن: اڏيرولال اسٽيشن جو رورل هيلٿ سينٽر انتظامي بي ڌياني سبب تباهه ٿي ويو، پري پري کان ايندڙن مريضن کي ڪوبه فائدو نه مليو، رورل هيلٿ سينٽر اڏيرولال اسٽيشن ضلعي انتظاميه جي بي ڌياني سبب تباهه ٿيڻ لڳي آهي، جڏهن ته مريضن کي ڪوبه فائدو نه ملي سگهيو آهي. 1988 ۾ 20 بسترن تي قائم اسپتال عوام کي ڪوبه فائدو نه ڏئي سگهي آهي، جڏهن ته اسپتال جي ڪوارٽرن ۾ ٿاڻو قائم ڪيو ويو آهي ۽ ٻين ڪوارٽرن تي بااثر ماڻهن جا قبضا ٿيل آهن. اسپتال ۾ روزانو سون جي تعداد ۾ عورتون، مرد ۽ معصوم ٻارڙا علاج لا اچن ٿا ته انهن کي هڪ گوري به نٿي ڏني وڃي. روزانو 600 کان مٿي مريضن جي او پي ڊي ٿئي ٿي، اسپتال ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ سبب بغير علاج جي واپس وڃن ٿا.
اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ کانپوءِ علائقو عطائي ڊاڪٽرن جي ور چڙهي ويو آهي، شهرين جي بار بار احتجاجن جي باوجود اعلى آفيسرن ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي. اسپتال ۾ ايڪسري پلانٽ، ڊينٽل پلانٽ، ويم گهر ۽ ليبارٽري موجود هئڻ جي باوجود عوام کي ڪوبه فائدو نه ملي سگهيو آهي. علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻ محمد اقبال ساهووال جو چوڻ آهي ته ڪافي مهينن کان اسپتال ۾ دوائن جي شديد کوٽ آهي، هن چيو ته رورل هيلٿ سينٽر اڏيرولال اسٽيشن کي تعلقي جي اسپتال جو درجو مليل آهي، تنهن باوجود هن اسپتال ۾ ڪابه بنيادي سهولت موجود نه آهي، جنهن ڪري غريب مريض دربدر ٿي ويا آهن. هوڏانهن رورل هيلٿ سينٽر جي ايم ايس قادر بخش ڏاهري کان موقف معلوم ڪيو ته هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي دوائون ملنديون ته مريضن جو علاج ڪنداسين ٻي صورت ۾ هو روزانو 8 ڪلاڪ ڊيوٽي پوري ڪري واپس هليا ويندا. ايم ايس جو اهو به موقف هو ته هن اسپتال ۾ ڏهن ڊاڪٽرن جون جايون آهن پر اتي صرف مون سميت ٽي ڊاڪٽر ۽ هڪ ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪن ٿا. هن چيو ته سندس وس ۾ ڪابه ڳالهه نه آهي. هن ٻڌايو ته دوائن ۽ عملي جي کوٽ بابت وقت به وقت اختيارين کي آگاهي ڏيندو رهي ٿو پر هنن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي. هن چيو ته مريض اچن ٿا انهن کي تپاسي دوا لکي ڏيون ٿا.