بدين: 23 مارچ قرارداد پاڪستان جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڪالهه جيم خانه بدين ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان چيو ته 23 مارچ نظريه پاڪستان سان وابستگي جي تجديد جو ڏينهن آهي، نظريه پاڪستان اسان جي عظيم بزرگن جو ورثو آهي، نئين نسل کي قيام پاڪستان جو مقصد ۽ تحريڪ پاڪستان بابت آگاهي ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي ته جيئن اهي مستقبل ۾ ملڪ کي روشن ۽ ترقي يافته بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.
هن چيو ته معاشري جي بهتري لاءِ هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪرڻي پوندي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي اپنائي دنيا کي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻو پوندو. هوڏانهن ضلعي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انٽر ڊسٽرڪٽ اسپورٽس گالا 2022 ضلعي انتظاميا پاران منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ بيڊمنٽن، سنوڪر ۽ ٽيبل ٽينس جي رانديگرن وچ ۾ مقابلا ڪرايا ويا هئا، جنهن جا انعام پڻ ورهايا ويا. ان موقعي تي پاڪ رينجرز جي ليفٽيننٽ ڪرنل اڪمل بشير، لالا دلدار پٺاڻ، پروفيسر ڊاڪٽر طفيل احمد چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.