اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي مک تقريب،جهنڊا کڻي ريليون،توپن جي سلامي

اسلام آباد:سنڌ سميت مختلف شهرن ۾ پاڪستاني جهنڊا کڻي ريليون ڪڍيون ويون. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سان شاندار پريڊ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ۽ چين جي پرڏيهي وزير به شرڪت ڪئي. ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي سان ڪئي وئي، جنهن ۾ وفاقي راڄڌاني ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي. اسلام آباد جي شڪرپڙيان پريڊ گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي مرڪزي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هٿياربند فوج جي آرمڊ ڪور، ايئر ڊيفنس ۽ ٻين جٿن مارچ پريڊ ۽ فلاءِ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو. ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. ان کانسواءِ پريڊ دوران ميزائل، ايف 16 ۽ جي ايف 17 ٿنڊر جھازن به شاندار فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪري دشمن جي دل تي دهشت طاري ڪئي. پريڊ دوران آذربائيجان، ترڪي، بحرين ۽ سعودي جٿن به مارچ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو. هن سال يوم پاڪستان جي مرڪزي پريڊ جي ٿيم”شاد رهي پاڪستان” رکي وئي جيڪا قومي تراني جي جملي “مرڪز يقين شادباد” مان ورتي وئي آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزير اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پريڊ ۾ خاص طور تي دعوت ڏني وئي ۽ او آءِ سي جي فلوٽ کي يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ خاص طور تي شامل ڪيو ويو. ان کانسواءِ چين جي پرڏيهي وزير به يوم پاڪستان پريڊ ۾ خاص طور تي شرڪت ڪئي. تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻيا وفاقي وزيرن به مرڪزي پريڊ ڏسڻ لاءِ موجود هئا. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل نديم رضا، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، نيول چيف ايڊمرل اجمل خان نيازي ۽ ايئرچيف مارشل ظهر احمد بابر به مرڪزي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پريڊ جي پڄاڻي تي صدر ۽ آرمي چيف پاڪستان لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ماڻهن سان هٿ ملايو ۽ انهن جي عزم ۽ همت جي ساراهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان ذميوار ايٽمي طاقت آهيون ۽ سمورن ملڪن سان امن چاهيون ٿا. 23 مارچ جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄوڪي ڏهاڙي تي تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري کي هميشه لاءِ قائم رکيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جو مقصد هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست جو قيام هو، هڪ اهڙي رياست جيڪا اسلامي اصولن تي ٻڌل اعتدال پسند ۽ رواداري واري سماج جو عملي نمونو پيش ڪري، اهڙي رياست جتي اقليتن کي به جان ۽ مال جو تحفظ ۽ مذهبي آزادي حاصل هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button