اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته پي ٽي آءِ طرفان ڏنڊي بردار ٽائيگر فورس ٺاهڻ افسوسناڪ آهي ۽ جي يو آءِ به پنهنجا ڏنڊا تيل مان ڪڍي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس تي شنوائي ڪئي، ان دوران پي ٽي آءِ، ن ليگ، جي يو آءِ ۽ سپريم ڪورٽ بار صدارتي ريفرنس تي لکت ۾ جواب جمع ڪرايا. عدالت صوبائي حڪومتن کي به صدارتي ريفرنس تي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته صوبائي حڪومتون به لکت ۾ جواب جمع ڪرائين، ان سان شنوائي ۾ سولائي ٿيندي. جي يو آءِ جي وڪيل چيو ته اسان جو جلسو ۽ ڌرڻو پرامن هوندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان کان حڪومت وارا ڊڄن ٿا، ان آبزرويشن تي عدالت ۾ ٽهڪ پئجي ويا. اٽارني جنرل چيو جي يو آءِ پرامن رهي ته مسئلو ئي حل ٿي ويندو. جسٽس مظهر عالم ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ طرفان ڏنڊا بردار ٽائيگر فورس ٺاهڻ افسوسناڪ آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته جي يو آءِ پنهنجا ڏنڊا تيل مان ڪڍي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close