اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ اڄ جمعيت علماءِ اسلام کي جلسو ڪرڻ جي اجازت

اسلام آباد :اسلام آباد انتظاميا جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آ) کي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب ضلعي انتظاميا جي يو آءِ کي 25 مارچ تي اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي پر جي يو آءِ 26 مارچ تي جلسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ضلعي انتظاميا جي يو آءِ کي ٻيهر درخواست جمع ڪرائڻ ۽ جلسي جي ايس او پيز کي فالو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ايس او پيز ۾ چيو ويو آهي ته سرينگر هاءِ وي کي ڪنهن به صورت ۾ بند نه ڪيو ويندو. سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان نه پهچايو ويندو، جڏهن ته جلسي دوران ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button