پاڪستانسنڌ

سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جو سربراهھ اياز لطيف پليجو آمريڪا جي 2 ھفتن جي دوري تي آھي، جتي کيس آمريڪي رياست لوزيانا جي شھر ليڪ چارلس ۾ نظام جتوئي ۽ ھيوسٽن ۾ ممتاز چانگ ۽ عطا لاشاري آجياڻا ڏنا، ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۽ ملڪ شديد مسئلن ۾ گھيريل آھي پر وڏين سياسي پارٽين جون نگاھون اقتدار جي ڏي وٺ ۾ آھن، سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي، مٿان کان ئي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي.

45 سيڪڙو پاڻي کوٽ جي ڪري سنڌ جا فصل تباھه ٿي رھيا آھن، جر جو پاڻي سڄي پاڪستان جو گڏيل پاڻي آھي، جيڪڏھن سنڌ جو گئس ۽ پئٽرول جر مان ڪڍي سڄي ملڪ لا استعمال ڪيو وڃي ٿو ته پنجاب ۾ جر جو پاڻي ڇو ملڪ جي پاڻي ذخيرن ۾ شامل نٿو سمجھيو وڃي، اياز لطيف پليجي چيو ته سڄي سنڌ ۾ زھريلا گٽڪا، مين پڙي، صفينا، ٺري ۽ ٻي منشيات جا ٺيڪا اھل اقتدار جي وڏيرن ۽ ٻين ماڻھن جي حوالي آھن، انھن سنڌ جي صحت ۽ روزگار کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button