پاڪستانسنڌ

گولاڙچي تعلقي جي واهن ۽ شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي، پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ

گولاڙچي: گولاڙچي تعلقي جي امام واھه، دبي، سورهڏي، چاڪري، نقرجي، بهادر واهه، شير واهه سميت ٻن درجن شاخن ۾ 2 مهينن کان پاڻي نه اچڻ سبب واري اڏامي رهي آهي، جنهن سبب تعلقي جي 12 يونين ڪائونسلن ترائي، احمد راڄو، کورواهه، گهڙو جا 3 لک کان مٿي رهواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، تعلقي جي ساحلي پٽي ۾ جر جو کارو پاڻي هئڻ سبب علائقي جا رهواسي کارو پاڻي پئيڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ اڃايل عوام نلڪا ۽ کوهه کوٽائي جر جو کارو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن، چوپايو مال کڏن ۾ بيٺل گندو پاڻي پي رهيا آهن.

جڏهن ته علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بحران سبب انسانن سان گڏ جانور به پريشان آهن، هتان جي سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ملڪ ڪامران اعواڻ، ايڊووڪيٽ عدنان فاروق مهر، نجم الدين ڪوريجو بدين جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ آبياشي کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته گولاڙچي تعلقي جي شاخن ۾ پاڻي ڇڏي علائقي جي رهواسين کي پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button