پاڪستانسنڌ

ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو جي وبا، 8 ڄڻا اسپتال ۾ داخل

ٽنڊوباگو: گرمي ۾ اضافو ٿيڻ، خراب پاڻي واپرائڻ سبب ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو جي مرض ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آهي، 8 مريض تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪيا ويا آهن، خبر موجب ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ گرمي ۾ اضافو ٿيڻ ۽ خراب پاڻي واپرائڻ سبب ڊائريا ۽ گيسٽرو جي مرض ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ 6 ٻارڙن سميت 8 ڄڻا داخل ڪيا ويا آهن. تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل مريضن ۾ حسن، عرس، شبير، ڪامران، محمد علي، محمد سليم، الهڏنو ۽ بيبي شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button