پاڪستانسنڌ

نصرت کوسو جي مبينا قتل خلاف وارثن جا ڳوٺ ۽ حيدرآباد ۾ مظاهرا

ھوسڙي/أحيدرآباد: ٽنڊو عالم ڀرسان ڳوٺ پليو کوسو جي رهواسڻ نصرت کوسو جي مبينا خودڪشي جي پوسٽ مارٽم رپوٽ ۾ قتل جو شق ظاھر ٿيڻ کانپو وارثن ڳوٺ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، ھوسڙي لڳ ٽنڊو عالم مري ڀرسان ڳوٺ پليو کوسو کان پرڻجي عبدالله ٽائون قاسم آباد آيل نصرت کوسو جي وارثن پوسٽ مارٽم رپوٽ اچڻ کانپو ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي نصرت کوسو جي امڙ نورجھان کوسو، پي اشرف کوسو، ھاشم کوسو ۽ عبدالعزيز کوسو دانھيندي چيو ته 4 فيبروري 2022 تي جمعي ڏينهن اسان جي نياڻي جي مبينا خودڪشي ڄاڻائي اسان مائيٽن کي دوکي ۾ رکي نياڻي کي بيگناھه قتل ڪيو ويو. ھنن چيو ته پوسٽ مارٽم رپوٽ ۾ ڊاڪٽرن تصديق ڪئي آھي ته نڙي کي دٻائڻ سان موت واقع ٿيو آھي، مطلب ته گھٽا ڏئي اسان جي نياڻي کي قتل ڪيو ويو آهي.

ھنن الزام ھڻندي چيو ته اعجاز کوسو ۽ بانو عمراڻي اسان جي نياڻي کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث آھن، انهن تي به ايف آئي آر ۾ درج ڪري کين گرفتار ڪري جاچ ڪئي وڃي. هوڏانهن نصرت کوسو زال اشرف عمراڻي جي وارثن قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ايس ايس پي حيدرآباد جي آفيس ۽ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اشرف کوسو، گلزار کوسو، بشيرکوسو، نظيرکوسو ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته قاسم آباد ۾ 4 فيبروري تي نصرت کوسو کي مڙس اشرف عمراڻي پنهنجي گهرڀاتين عبدالرئوف عمراڻي ۽ عائشه عمراڻي سان گڏجي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، جنهن خلاف قاسم آباد ٿاڻي تي قتل داخل ڪرايو ويو آهي پر پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن اپيل ڪئي ته نصرت کوسو قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button