ڪراچي/حيدرآباد/مٽياري/ھالا: جمعيت علماءَ اسلام (ف) پاران اسلام آباد ۾ رٿيل احتجاج ۾ شرڪت لا جمعيت علماءَ اسلام (ف) سنڌ جو نڪتل لانگ مارچ مولانا راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪراچي مان ڪالهه نڪتو، جيڪو ملير کان ٿيندو حيدرآباد پهتو. جتي باءِ پاس تي لانگ مارچ جي، جي يو آءِ ف سنڌ جي اڳواڻن مولانا تاج محمد ناهيون، مولانا اعظم جهانگيري، خالد حسين ڌامراهه ۽ ٻين آجيان ڪئي وئي. لانگ مارچ حيدرآباد مان نڪرڻ بعد مٽياري کان ٿيندو هالا پهتو، قافلي جي مٽياري پھچڻ تي جميعت علما اسلام ضلعي مٽياري جي اڳواڻن حاجي سارنگ منگواڻو، حافظ نثار احمد سمون، طارق ميمڻ ۽ ٻين گل نڇاور ڪري استقبال ڪيو.
مختلف شهرن ۾ خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومرو ۽ ٻين چيو ته پي ڊي ايم سربراهه ۽ جمعيت علما اسلام جي قائد مولانا فضل الرحمان جي حڪم تي اعلانيل احتجاجي مارچ ڪراچي مان شروع ٿيو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان جي يو آءِ ف جا قافلا اسلام آباد روانو ٿيڻ لاءِ شامل ٿيندا. هن چيو ته لانگ مارچ ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد، مٽياري، سڪرنڊ، نوشهرو فيروز، سکر کان ٿيندو پنجاب پهچندو، جتان بعد ۾ هو اسلام آباد ويندا. جي يو آءِ ف جي اڳواڻن موجب ته نااهل حڪومت معيشت جو اڳ ۾ ئي جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي. هاڻي اخلاقيات ۽ سياست جو به جنازو ڪڍي پيو وڃي. هنن چيو ته هو ملڪ جي حفاظت ڪندا ۽ عوام کي به ظالم حڪمرانن مان به نجات ڏياريندا. اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته سندن عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿيندي ۽ نااهلن کي هو ڀڄڻ جو موقعو نه ڏينداسين. جي يو آءِ جي مارچ بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي کان اسلام آباد تائين قافلي جي قيادت علامه راشد محمود سومرو ڪندو، جڏهن ته اسلام آباد ٽول پلازه کان قائد ملت مولانا فضل الرحمان قافلي جي قيادت ڪندو.