اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم خلاف عدم اعتماد رٿ تي اڄ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اڄوڪي گهرايل انتهائي اهم اجلاس جي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ به شامل آهي. غير معمولي اجلاس جي صدارت اسپيڪر اسد قيصر ڪندو. اپوزيشن پارٽين طرفان وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد رٿ بابت جمع ڪرايل رڪيوزيشن تي اسپيڪر اسد قيصر طرفان گهرايل قومي اسيمبلي جي اڄ واري اجلاس جي جاري ڪيل 15 نقاطي ايجنڊا ۾ چيو ويو آهي ته ايوان جي 152 ميمبرن جي راءِ آهي ته وزيراعظم عمران خان ايوان جو اعتماد وڃائي چڪو آهي. اپوزيشن جي قرارداد آهي ته وزيراعظم ايوان جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، جنهن ڪري هن کي عهدي تان هٽايو وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ تي گھرايو هو پر اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان اجلاس جي ايجنڊا جاري نه ڪئي وئي هئي، جنهن تي اپوزيشن پاران سخت تنقيد ڪئي وئي. هاڻي قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 مارچ جمعي جي ڏينهن صبح جو 11 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس اپوزيشن پاران جمع ڪرايل ريڪوزيشن تي طلب ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته حڪومتي اتحاد وٽ 179 ميمبر جڏهن ته اپوزيشن وٽ 162 ميمبر آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button