اسلام آبادپاڪستان

بينچ جوڙڻ جوڙڻ اختيار چيف جسٽس وٽ رهيو آهي،اعتراض ڇو ٿا ڪيو:چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بئنچ جوڙڻ، ڪيس لڳائڻ جو اختيار چيف جسٽس وٽ آهي. 20 سالن کان بئنچز چيف جسٽس ئي جوڙيندو آهي، بنا جواز اعتراض ڇو ٿا ڪيا وڃن. چيف جسٽس چيو ته ججز تي آڱريون کڻڻ ۽ الزام لڳائڻ بند ڪريو، جنهن ماڻهو تي اعتراض آهي، ان جو نالو کڻو، جنهن ماڻهو سان مسئلو هجي، اهو مون کي اچي ٻڌائي. منهنجا دروازا سڀني جي لاءِ کليل آهن. مون مان ڪنهن کي تڪليف آهي ته اهو سامهون اچي ڳالهائي، اداري جون ڳالهيون ٻاهر ڪڍڻ جي ضرورت ناهي. گهر جي ڳالهه گهر ۾ ئي رهڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته اسان ته برادري جي ڳالهه به ٻاهر نه ڪڍندا آهيون. ججز جي ذات نه، پر فيصلن تي تنقيد ڪريو. ججز پاڻ تي لڳايل الزامن جو جواب نٿا ڏئي سگهن. پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين طرفان ججز کي پگهاردار ملازم سڏڻ انتهائي غير مناسب آهي. هن جو 20 سالن جو تجربو آهي، ڇا توهان چاهيو ٿا ته انتظامي ڪم به آئون ڪريان؟ اسان هتي اهليت، قابليت ۽ ديانتداري سبب آهيون، اسان جي مقرري اڻ ڌري هوندي آهي. اسان ڪنهن جي به دٻاءُ هيٺ ڪم نه ڪندا آهيون. چيف جسٽس پاڪستان بار ڪائونسل جي صدر احسن ڀون کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي ڪهڙي عدالتي پريڪٽس تي اعتراض آهي؟ منهنجا دروازا اوهان لاءِ به رات 9 وڳي تائين کليل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button