اسلام آبادپاڪستان

صدر وٽ آرڊيننس ڪڍڻ جا اختيار هئا،ڇو نه آرڊيننس رد ڪيون:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف داخل درخواستن تي شنوائي ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته ميڊَيا جي آزادي ۾ اسان پوئتي وڃي رهيا آهيون، بهتري ناهي آئي. ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ سيلف سينسرشپ ڪيئن ٿي سگهي ٿي. آرڊيننس آڻڻ ۾ تڪڙ ڇو ڪئي وئي، ڇو نه آرڊيننس کي رد ڪيو وڃي. هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف صحافتي تنظيمن، وڪيلن ۽ ٻين جي درخواستن کي ڪٺو ڪري شنوائي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل قاسم ودود ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل محمد طيب شاهه عدالت ۾ پيش ٿيا. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ ۾ رڌل آهي. چيف جسٽس چيو ته هتي 3 سوال آهن، آرڊيننس ظاهري طور آئين جي آرٽيڪل 89 جي ڀڃڪڙِي ۾ جاري ٿيو، پيڪا سيڪشن 20 جو فرق استعمال ٿي رهيو آهي. پوليٽيڪل بحث ختم ڪرڻ لاءِ هي اختيار لاڳيتو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي. جسٽس اطهر من الله چيو ته تهمت لڳائڻ لاءِ قانون پهريان کان آهي، پاڪستان پينل ڪوڊ (پي پي سي) ۾ تهمت لڳائڻ جي ڏوهه جي سزا موجود آهي. چيف جسٽس اطهر من الله ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ته ٻڌايو ان لاءِ ڪهڙو قانون موجود آهي، ان تي قاسم ودود جواب ڏنو ته پي پي سي جي سيڪشن 496 سي ان بابت موجود آهي. چيف جسٽس چيو ته هن ڏوهه جي سزا 5 سال آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي تهمت لڳائيندڙ تي به لاڳو ٿيندو. پبلڪ آفيس هولڊر لاءِ ته معيار مختلف آهن، پبلڪ آفيس هولڊر ته پاڻ کي پبلڪ سروس لاءِ پيش ڪري ٿو. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ايف آئي اي جيڪي رپورٽون ڏنيون اهي ته انٽرنيٽ تي صحافين جي سرولينس ڪري رهيون آهن، ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ سيلف سينسر شپ ڪيئن ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس ان موقعي تي چيو ته دليل شروع ڪريو، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اٽارني جنرل کي دليل ڏيڻا هئا پر اڃا کيس صدارتي ريفرنس تي دليل ڏيڻا آهن. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ آئين آهي، پبلڪ آفيس هولڊر سوشل ميڊيا کان پريشان ڇو آهي؟ اوهان کي بين الاقوامي اسٽينڊرز به ڏسڻا آهن، اسان 21هين صدي ۾ آهيون. چيف جسٽس چيو ته ترميمي آرڊيننس تي عملدرآمد رڪيل آهي، اسان اهو ئي ته پڇي رهيا آهيون ته آرڊيننس آڻڻ ۾ تڪڙ ڇو هئي. صرف انهيءَ هڪ نقطي تي آرڊيننس ڪالعدم قرار ڏيڻ جي قابل آهي. چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 89 تحت صدر جو آرڊيننس جاري ڪرڻ جو اختيار پڙهو، منير اي ملڪ نهايت خاص نقطو اٿاريو آهي جنهن ڏينهن آرڊيننس جاري ٿيو، ان ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو ويو هو. سوشل ميڊيا مان ڪنهن کي خطرو آهي، ان تي الزام ڇو لڳايو وڃي. رٽائرڊ ڪرنل انعام رحيم چيو ته هڪ سبب اهو به آهي ته پاڪستان گري لسٽ ۾ آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته گري لسٽ جو هن معاملي سان ڪوبه تعلق نه آهي. چيف جسٽس چيو ته فريڊم آف پريس انڊيڪس ۾ ڪهڙا ملڪ مٿي آهن. ڇا اتي تهمتون لڳن ٿيون. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته انهيءِ لاءِ ته اتي انهن قانونن جي ضرورت نه آهي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن سوسائٽي جا ويليوز خراب آهن ته ڇا آئين ختم ڪري ڇڏيون. سياسي پارٽين ۽ ليڊرز جي ذميواري آهي اتان جي ليڊرشپ اخلاقي معيار قائم ڪري ورتا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته پهرين مطمئن ڪريو ته صدر وٽ آرڊيننس جاري ڪرڻ جا اختيار هئا؟ اوهان ايف آئي اي کي ساک واري ڪيس ۾ سڌي گرفتاري جو اختيار ڏئي ڇڏيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته آئين جي آرٽيڪل 89 جي حوالي سان دليلن لاءِ مهلت گهرجي. هن معاملي تي عدالت کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪجهه حقيقتون ڏسڻيون پونديون، رڳو صدر جو ٽوئٽ ڪافي نه آهي ته اجلاس سڏايو ويو هو. اهو به ڏسڻو پوندو ته ايجنڊا تي ڪهڙيون شيون هيون، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان کي آخري موقعو ڏئي رهيا آهيون سومر تي دليل ڏيو جنهن کان پوءِ شنوائي 30 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button