پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ مهانگائي عوام جون متيون منجهائي ڇڏيون، انتظاميا گم

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه مهانگائي تي ضابطو نه آندو. کاڄرو تيل ۽ گيهه في ڪلو 4 سو 70 روپيا مهانگو وڪرو، ڪڪڙ جو گوشت پوڻا 5 سئو روپيا مهانگو، فروٽ به مهانگو، صوف 300 روپيا ڪلو وڪرو ڪيا پيا وڃن. خبر موجب حيدرآباد ۾ مهانگائي جو جن قابو ۾ نه آيو آهي، حڪومت طرفان مهانگائي ڪرڻ سان گڏ هول سيل جي مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ واپارين ۽ دڪاندارن عام واهپي جون شيون مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن. تيل ۽ گيهه جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ٿي ويو آهي.

مختلف قسم جو کاڄرو آئل جو ڪلو 4 سئو 60 کان 70 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، شهر ۾ ڪڪڙ جو گوشت پوڻا 5 سئو روپيا ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته مارڪيٽ ۾ صوف في ڪلو 3 سئو روپيا وڪرو ڪيو پيو وڃي. شين جا اگهه وڌڻ باوجود ضلعي انتظاميه ۽ پرائيس ڪميٽي نوٽيس نه ورتو آهي. اڳ ۾ اٽي ۽ چانورن جي قيمتن ۾ هٿرادو اضافو ڪيو ويو هو، آئل ۽ گيهه جي قيمتن ۾ ڏينهن به ڏينهن اضافو ڪيو پيو وڃي. چانهه جي پتي ۾ پڻ مهانگي ڪئي وئي آهي. شهرين ٻڌايو ته هاڻ سبزيون ۽ گوشت پڇائڻ وس ۾ نه رهيو آهي. ڏهاڙيدار طبقي جو جيئڻ به مشڪل ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button