اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي اجلاس بنا ڪارروائي ملتوي،عدم اعتماد پيش نه ٿي

اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم عمران خان خلاف اپوزيشن جي مطالبي تي بي اعتمادي رِٿ پيش ڪرڻ جي حوالي گهرايل قومي اسيمبلي جو هنگامي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ نه ڏني، قومي اسيمبلي جو اهم اجلاس معمول جي ڪارروائي بنا 28 مارچ سومر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. اپوزيشن ڪو به احتجاج نه ڪيو. اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي، جنهن جي صدارت قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر ڪئي. اجلاس ۾ شروعات ۾ لاڏاڻو ڪري ويل قومي اسيمبلي ميمبر خيال زمان، اڳوڻي صدر رفيق تارڙ، سينيٽر رحمان ملڪ ۽ پشاور مسجد ڌماڪي جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. اجلاس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي پهچڻ تي مخالف ڌر طرفان ڊيسڪون وڄائي آجيان ڪئي وئي. حڪومتي ميمبرن طرفان پنهنجن اڳواڻن جي پهچڻ تي نعريبازي ڪئي وئي. اجلاس ۾ گڏيل اپوزيشن جا 159 ميمبر شريڪ ٿيا، جنهن ۾ پ پ جي 56 مان 55 ۽ نوازليگ جي 84 ميمبرن مان سڀ حاضر هئا. پ پ جو ڄام عبدالڪريم دبئي ۾ هجڻ ڪري شريڪ نه ٿي سگهيو. جي يو آ جا 14، بي اين پي جا 4، اي اين پي جو هڪ، هڪ آزاد ميمبر به حاضر رهيو. جڏهن ته حڪومتي ميمبرن مان شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شيرين مزاري، غلام سرور خان، شوڪت ترين، بابر اعواڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پارلياماني روايت آهي ته جيڪڏهن ڪو قومي اسيمبلي ميمبر لاڏاڻو ڪري وڃي ته اجلاس جي ايجنڊا ملتوي ڪئي ويندي آهي. اهو ورهين کان ٿي رهيو آهي ۽ ماضي ۾ اهڙو 24 ڀيرا ٿي چڪو آهي. آئون به اها روايت برقرار رکندي اجلاس ملتوي ڪريان ٿو. ان کانپوءِ اسپيڪر معمول جي ڪارروائي بنا اجلاس سومر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن سبب بي اعتمادي رٿ پيش نه ٿي سگهي.واضح رهي ته اڄ ٿيندڙ اجلاس جي 15 نڪاتي ايجنڊا به جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ به شامل هئي.قومي اسيمبلي اجلاس لاءِ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا ۽ ريڊ زون ۾ قلم 144 لاڳو ڪري حساس علائقي کي مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو. ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف اسپيڪر کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سومر جي ڏينهن ڪوبه غير آئيني عمل ورجايو ويو ته پوءِ اسان هر طريقو استعمال ڪنداسين ۽ دمادم مست قلندر ٿيندو. جڏهن ته بلاول ڀٽو چيو ته سومر تي اسيمبلي اجلاس ۾ عمران خان اڳوڻو وزيراعظم بڻجي ويندو. ڪالهه پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسپيڪر اڄ ٻيهر تحريڪ انصاف جي ڪارڪن جيان قانون ۽ روايتن کي پيرن هيٺيان چيڀاٽي ڇڏيو. 8 مارچ تي قرارداد جمع ڪرائي وئي، جنهن کان پوءِ 14 ڏينهن ۾ اسپيڪر اجلاس گهرائڻ جو پابند هو. 22 تاريخ تي ڏنل تاريخ ختم ٿيڻي هئي، او آءِ سي جو اجلاس 22 ۽ 23 تي ٿيڻو هو. اسان اڳ ئي چيو هو ته هاڻ نه لانگ مارچ ڪنداسين نه احتجاج هي اسان جا مهمان آهن. هن چيو ته اسپيڪر کي ڪهڙي پريشاني هئي، هو 21 مارچ کان اڳ اجلاس گهرائي سگهيو ٿي. اهو قانوني معاملو هو پر اسپيڪر عمران نيازي سان ملي سازش ڪئي. شهباز شريف چيو ته مان فاتحه خواني کان پوءِ پوائنٽ آف آرڊر تي بيٺس ڳالهائڻ ته پري جي ڳالهه، اسپيڪر ڏسڻ به پسند نه ڪيو، هو اٿي هليو ويو. اسپيڪر جو اهو ڪردار تاريخ ۾ ڪارن لفظن سان لکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ميمبرن جي فاتحه روايت آهي پر قانون ۽ آئين روايت کان مٿانهون آهي. اڄ اهم موضوع هو، بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻي هئي. روايتون پنهنجي جڳهه پرهي قانون جي پابندي ڪندي ووٽنگ ڪرائين ها. هنن اسان جي هڪ به نه ٻڌي. اسپيڪر پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن کي سموري قوم هميشه خراب لفظن ۾ ياد رکندي. اپوزيشن اڳواڻ چيو ته پاڪستان تاريخ جي اهم موڙ تي آهي. قوم جون نظرون پارليامينٽ تي آهن. پر اوهان طاقت جي نشي ۾ آئين کي مجروح ڪيو ۽ پنهنجي مرضي هلائي، ان جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هاڻ سومر جي ڏينهن اجلاس ٻيهر گهرايو ويو آهي. اسان هاڻ کليل طريقي سان چئون ٿا ته اسپيڪر ٻيهر اهڙو عمل ڪيو جيڪو غير آئيني ٿيو ته اسان هر آئيني، قانوني ۽ سياسي طريقو استعمال ڪنداسين. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم مقابلي کان ڀڄي رهيو آهي، اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو. اڄ فاتحه جو بهانو هو، جون 2012 ۾ جڏهن وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻي هئي تڏهن به فوزيه وهاب فوت ٿي وئي هئي پر اسان فاتحه پڙهڻ کان پوءِ جيڪا آئيني ذميواري وزيراعظم جي چونڊ جي هئي اها پوري ڪئي. پر اڄ اسپيڪر عمران خان جو سهولتڪار بڻجي ويو آهي. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ پيش ڪنداسين، هي اسان کي ڀڄائڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪري رهيا آهن. ڪڏهن سنڌ هائوس تي حملو ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن اسان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي پريشان ڪيو وڃي ٿو. بلاول چيو ته هي ڪهڙو ڪپتان آهي جيڪو پچ ڇڏي ڀڄي رهيو آهي. آئون کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان سڀ گڏ آهيون. اسان کيس ڀڄڻ نه ڏينداسين. هي ڪيستائين ڀڄندو. بي اعتمادي رٿ اسان جو جمهوري حق آهي. هي پنهنجي اڪثريت وڃائي چڪو آهي. هاڻ جيئن ئي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندو عمران خان اڳوڻو وزيراعظم بڻجي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button