پاڪستانسنڌ

ايم ڪيو ايم سان ٺاھه جو مطلب سنڌ کي نقصان پهچائڻ آهي: ڏاڏا قادر رانٽو

ميرپوربٺورو: عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا قادر رانٽو چيو آهي ته سنڌ نياڻين لاءِ دوزخ بڻيل آھي، هتي هندو توڙي مسلمان نياڻيون محفوظ نه آهن، ايم ڪيو ايم سان ٺاھه ڪرڻ جو مطلب سنڌ کي نقصان پهچائڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن صوفي شاھه عنايت پريس ڪلب ميرپوربٺورو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي چوٿين ورسي جي سلسلي ۾ سجاول ضلعي مان 80 گاڏين جو قافلو شرڪت ڪندو ۽ ورسي جي پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ مختلف ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن ته جيئن عالمي آڳواڻ رسول بخش پليجي کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪري سگهجي.

هن چيو ته ورسي جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون ڪارڪن عورتون ڳوٺ ڳوٺ وڃي رابطا مهم هلائنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ پ جي حڪومت ۾ اچڻ سان سنڌين جو وڏو نقصان ٿيو آهي ۽ پي ڊي ايم جي تحريڪ ڪامياب ٿي ته ان جو فائدو پ پ پ کي ٿيندو. ڏاڏا قادر رانٽو سان گڏ عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ ۽ ليکڪ پرويز ميمڻ، ضلعي صدر حسين آزاد، ساگر مجيد پرهياڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button