اسلام آبادپاڪستان

آئين ۾ واضح ناهي ته پارٽي سان وفادار رهڻو آهي يا نه،ممڪن آهي ريفرنس واپس موڪليون:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس جي شنوائي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته صدر آئيني تشريح جو چيو آهي، هيڏانهن هوڏانهن نٿا وڃي سگهون، ممڪن آهي ريفرنس واپس موڪلي ڇڏيون. اعتماد ٽوڙيندڙ کي خيانت ڪندڙ چيو ويندو آهي، آئين ۾ ڪٿي واضح ناهي ته پارٽي سان وفادار رهڻو آهي يا نه. هر ماڻهو کي آئين پنهنجي آزاد خيالن جي اظهار جو حق ڏئي ٿو. ڇا خيالن جي اظهار تي به تاحيات نااهلي هجڻ گهرجي؟ جيڪو ڏوهه اڃا ٿيو ئي ناهي ته ان جي سزا بابت ڪهڙي را ڏيون. جڏهن پارليامينٽ وٽ قانونسازي جو اختيار آهي ته پو ڦري ويل ميمبرن جي سزا جي باري ۾ تفصيلي ڳالهه ڇو نه ڪئي وئي؟ ڪالهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ صدارتي ريفرنس جي شنوائي ڪئي، جسٽس جمال خان سوال اٿاريو ته صدر کي اهڙو ڪهڙو مسئلو آهي جو راءِ گهري رهيو آهي. صدر سامهون اهڙو ڪهڙو مواد آهي، جنهن تي سوال پڇيا، وزيراعظم آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ته ڇا ميمبر ساٿ ڏيڻ جو پابند آهي. اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان دليل ڏيندي چيو ته عدالت صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏيڻ جي پابند آهي، اسيمبلي ميمبر رٻڙ اسٽيمپ ناهن هوندا، پارٽي فيصلي سان مطمئن نه هجن ته استعيفيٰ ڏئي سگهجي ٿي. مخصوص سيٽون پارٽي طرفان فهرست تي ملنديون آهن. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته اعتماد ٽوڙيندڙ کي خيانت ڪندڙ چيو ويندو آهي، آئين ۾ ڪٿي واضح ناهي ته پارٽي سان وفادار رهڻو آهي يا نه. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته صدر آئيني تشريح جو چيو آهي، هيڏانهن هوڏانهن نٿا وڃي سگهون، ممڪن آهي ريفرنس واپس موڪلي ڇڏيون. اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته پارليامينٽ ۾ عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون هونديون آهن. مخصوص سيٽن وارن ميمبرن عوام کان ووٽ نه ورتو هوندو آهي. مخصوص سيٽن وارا ميمبر به سنڌ هائوس ۾ موجود هئا. مخصوص سيٽون پارٽي طرفان ڏنيون وينديون آهن. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته خيانت جي قرآن پاڪ ۾ سخت سزا آهي. اوهان موجب پارٽي کي ووٽ نه ڏيندڙ خيانت ڪندا آهن؟ چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪوبه ميمبر قسم کڻندو آهي ته هو پارٽي ڊسيپلين جو پابند رهندو. آئين ۾ ڪٿي به واضح ناهي لکيل ته پارٽي سان وفادار رهڻو آهي يا نه. جسٽس اعجازالاحسن پڇيو ته ڇا ميمبر شپ فارم ۾ ميمبر ڊڪليئريشن ڏيندو آهي ته ڊسيپلين جو پابند رهندو؟ جيڪڏهن پارٽي ميمبر شپ ۾ اهڙي خاطري ڪرائي وئي آهي ته اها ڀڃڪڙي خيانت ٿيندي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته وزيراعظم پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو آهي، جيڪڏهن وزيراعظم آئين جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ڇا ميمبر ساٿ ڏيڻ جو پابند آهي؟ ڇا ڪوبه ميمبر وزيراعظم تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري سگهي ٿو؟ اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته پارٽي ٽڪيٽ هڪ سرٽيفڪيٽ آهي جنهن تي چونڊ نشان ملندو آهي. وزيراعظم ۽ اسيمبلي ميمبر جي حلف ۾ فرق آهي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ووٽر چونڊ نشان تي مهر لڳائيندا آهن ڪنهن جي نالي تي نه. پارٽي جي نشان تي چونڊ وڙهندڙ پارٽي ڊسيپلين جا پابند هوندا آهن. شنوائي دوران اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته برصغير ۾ وڏن اڳواڻن جي نالي سان سياسي پارٽيون اڄ به قائم آهن. مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وڏن اڳواڻن جون پارٽيون آهن. پارلياماني جمهوريت ۾ پارلياماني پارٽي اجلاس ٿيندا آهن. اسيمبلي ميمبر رٻڙ اسٽمپ ناهن هوندا. جيڪڏهن هو پارٽي فيصلي مان مطمئن نه هجن ته استعيفيٰ ڏئي سگهجي ٿي. اٽارني جنرل چيو ته پارٽي اختلاف جو اهو مطلب ناهي ته حڪومت خلاف وڃجي. رضا رباني پارٽي ڊسيپلين تحت فوجي عدالتن جي حق ۾ ووٽ ڏنو. يقين آهي رضا رباني نااهلي جي ڊپ کان ووٽ نه ڏنو هوندو. جسٽس مظهر عالم پڇاڻو ڪيو ته پارٽي پاليسي کان اختلاف ڪندڙ استعيفيٰ ڇو ڏئي؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته پارٽي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندڙ پارٽي ڊسيپلين جو به پابند هوندو آهي.جسٽس مندو خيل چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم ڪو غلط ڪم ڪري ڇا تڏهن به پارٽي سان وفاداري نڀائڻ ضروري آهي. آئين جي آرٽيڪل 63 تحت ميمبر کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي سزا آهي، تاحيات نااهلي جي ناهي. هن چيو ته ڇا عدالت ايوان مان منظور ٿيل بل تي فل اسٽاپ لڳائي سگهي ٿي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته هر ماڻهو کي آئين پنهنجي آزاد خيالن جي اظهار جو حق ڏئي ٿو. ڇا خيالن جي اظهار تي به تاحيات نااهلي هجڻ گهرجي. اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اسيمبلي ميمبر صرف 4 موقعن تي آزادي سان ووٽ نٿو ڏئي سگهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي ٻڌائڻو پوندو ته ميمبر تاحيات نااهل ڪڏهن ٿيندو؟ 63 ون ايف ڪواليفڪيشن جي ڳالهه ڪري ٿو. 62 ون ايف ۾ نااهلي جي ڳالهه ناهي ڪئي وئي. جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته وزيراعظم ملڪ جي خلاف ڪو فيصلو ڪري ته ڇا ميمبر مخالفت نٿو ڪري سگهي؟ ان تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ملڪ جي خلاف ڪم ٿيڻ تي ميمبر پاڻ کي پارٽي کان ڌار نٿو ڪري سگهي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته صدر عارف علوي کي اهڙو ڪهڙو مسئلو آهي جو هو راءِ گهري رهيو آهي. صدر جي سامهون اهڙو ڪهڙو مواد آهي جنهن تي سوال پڇي؟ اٽارني جنرل چيو ته عدالت صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏيڻ جو پابند آهي. ان تي جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته ڇا عدالت آئين ۾ ڪنهن فل اسٽاپ جو به اضافو ڪري سگهي ٿي. اٽارني جنرل چيو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي گڏي پڙهيو ويندو آهي. پارلياماني بحث ۾ هارس ٽريڊنگ کي ڪينسر قرار ڏنو ويو آهي. جنهن کان پوءِ صدارتي ريفرنس تي شنوائي سومر هڪ وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button