اسلام آبادپاڪستانسنڌ

پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزارت طرفان پ پ جي قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته رٿ تي ووٽنگ لاءِ ناظم جوکيو ڪيس ۾ نامزد ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي دبئي مان آندو پيو وڃي. قانون موجب کيس عدالت مان ضمانت وٺڻ گهرجي ها، اسان کيس ايئرپورٽ تي گرفتار ڪنداسين. ڊي جي ايف آءِ اي کي چيو آهي ته ڄام عبدالڪريم کي گرفتار ڪيو، سنڌ پوليس جي آءِ جي کي به هدايت ڪئي آهي. ڪالهه وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اي سي ايل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڄام عبدالڪريم جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کيس ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو هو. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي کي ڄام عبدالڪريم جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير چيو ته هن کي آءِ جي سنڌ جي حوالي ڪيو ويندو، ڄام عبدالڪريم جو نالو انٽر پول ۾ به وڌو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button