اسلام آبادپاڪستان

پارٽي ناهي ڇڏي،وزيراعظم وٽ پيش ٿيڻ ضروري ناهي:پي ٽي آ جا ڪاوڙيل ميمبر

اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي ناراض قومي اسيمبلي ميمبرن نور عالم خان ۽ احمد حسين ديهڙ سميت 13 ميمبرن شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. نور عالم خان کي تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر شوڪاز جاري ڪيو هو، جنهن جي جواب ۾ نور عالم چيو آهي ته مون تي لڳايل الزام بي بنياد ۽ غير حقيقي آهن. مون اهڙو ڪوبه انٽرويو ميڊيا ۾ ناهي ڏنو، جنهن جي وضاحت جي ضرورت پوي. هن چيو ته مون نه تحريڪ انصاف کي ڇڏيو آهي نه ئي پارلياماني پارٽي کان ڌار ٿيو آهيان. منهنجي مٿان آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاڳو نٿي ٿئي. شوڪاز ۾ لڳايل الزامن جي سختي سان ترديد ڪريان ٿو. هن چيو ته سمورا الزام غلط آهن، ان ڪري ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جي ضرورت به محسوس نٿو ڪريان. ٻئي طرف قومي اسيمبلي ميمبر احمد حسين ديهڙ به شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو ۽ چيو ته تحريڪ انصاف ناهي ڇڏي، اڃا به پارٽي جو ڪارڪن آهيان. هن چيو ته منهنجي خلاف آرٽيڪل 63 جي ڪارروائي نٿي ٺهي، منهنجي مٿان لڳايل الزامن جون شاهديون به ناهن ڏنيون ويون. احمد حسين ديهڙ جواب ۾ پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين جو به حوالو ڏنو. ان کان علاوه گڏيل طور تي تحريڪ انصاف 13 ناراض اسيمبلي ميمبرن شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. جواب جمع ڪرائيندڙن ۾ افضل خان دهاندلا، نواب شير، راجا رياض،رانا قاسم نون، عبدالغفار وٽو، باسط بخاري، عامر طلال گوپانگ، رياض محمود مزاري، وجيهه قمر، نزهت پٺاڻ ۽ رميش ڪمار شامل آهن. ناراض ميمبرن جو چوڻ هو ته پارٽي سان گڏ آهيون، ڪابه ڀڃڪڙي ناهي ڪئي. ڪوبه اهڙو انٽرويو ناهي ڏنو، جنهن ۾ پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ٿيندي هجي. ڪو اهڙو عمل ناهي ڪيو، جنهن تي 63 اي لاڳو ٿئي. ميمبرن جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف کي نه ڇڏيو آهي نه ئي وري پارلياماني پارٽي کان ڌار ٿيا آهيون. الزام بي بنياد آهن، ان لاءِ وزيراعظم جي سامهون پيش ٿيڻ ضروري نٿان سمجهون. ميمبرن پنهنجا خدشا به شوڪاز نوٽيس ۾ لکي ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button